بزن جھڏو

بزن جھڏو: قبل از تاريخ جو ھي ماڳ، لڪي ريلوي ڦاٽڪ کان چار ڪلو ميٽر ڳوٺ علي آباد لڳ اولهه ۾ چار ڪلو ميٽر جي پنڌ تي لڪي جبلن جي ڪڇ ۾ موجود آھي .
غار جبل جي اڀي لاھي تي پاڙ ۽ چوٽيءَ جي وچ تي آھي. منھن وٽ کوٽائي ڪري ڪجهه خلاصي جاءِ ٺاھي وئي آھي. ھي ٽي غارون آھن: پھرين غار ۾ پٺيءَ ڀر رڙھي وڃبو، اھا غار اوچائيءَ ۾ ٻارنھن فوٽ ڊيگهه ويهه فوٽ، اڳتي گولائيءَ ۾ دروازو، ان جي کاٻي ھٿ تي ننڍو سوراخ ۽ اندر ڪمرو، جنھن جي ماپ ڏهه فوٽ آھي. ٽين غار ويڪر ۾ چار فوٽ، اوچائي ۾ پنج فوٽ، ائين چوٿين غار به آھي. انھن غارن جي ڇت ابتي پيالي وانگر آھي. ھي غارون ھٿ جون ٺھيل آھن. جيڪي اوائلي انسان پنھنجي بچاءَ ۽ آسائش لاءِ ٺاھيون آھن. چوٿين غار ٻين کان وڏي به ٿي سگھي ٿي، پر بيحد اوندهه ۽ گھٽ اوچائي سبب اتي بيھي نٿو سگھجي. گھڙاوت جي لحاظ کان ھي غار به اروڙ ۽ شادي شھيد جھڙيون آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو